اورنگزيب ڀٽي

اورنگزيب ڀٽي: ليکڪ ۽ شاعر اورنگزيب ڀٽي 5 آڪٽوبر 1963ع تي ٽنڊي غلام حيدر، ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ پيدا ٿيو. تعليم انٽر اٿس، پنگريو شگر مل ۾ پي. آر. او آهي. سٺو ليکڪ ۽ ڪمپيئر آهي. سندس ڪيترائي مضمون ۽ شعر شايع ٿيل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”آڙنگ منجهه عشاق“ (شاعري: 1993ع)، ”نواز شريف ۽ سنڌ“ (1996ع)، ”هڪڙو پيارو ماڻهو“ (1998ع)، ”ڌرتيءَ جون دانهون“ (شاعري: 2004ع) شامل آهن.


لفظ اورنگزيب ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو